اسلام آباد – 11 – جن??ري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ??ف پاڪستان جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جا آئيني طور تي پابندي آهيون. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ بابت معاملن جو پي ٽي آءِ بهتر ٻڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون، غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن ??ف پاڪستان جي آهي. نگران حڪومت آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان اليڪشن ڪميشن ??ان گڏ آهيون. هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن ??ي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي آئيني طور تي پابند آهي. هڪ سو??ل جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جا مسئلا حقيقي آهن، اسان کي ان جو ادراڪ آهي، ان کي بهتر ڪنداسين. هڪ ٻئي سو??ل تي هن چيو ته ملڪ ۾ سو??ل اٿارڻ تي ڪا به پابندي نه آهي، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن ٿينديون. 8 فيبروري تي پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عوام جون قطارون نظر اينديون.