ڪراچي-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ??لمن کي روڪڻ لاءِ 8 فيبروريءَ تي پ پ جي ڪاميابي تما?? ضروري آهي. هن يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 8 فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته قائدِ عوام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف کي اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪشمير خاطر هڪ هزار سال تا??ين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروريءَ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن فيصلي ڪشمير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن قدم جي گونج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.