اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي د??تا??يزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس پ??ڪس??ان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪي?? ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي د??تا??يزن بابت 1961ع ج?? هيگ ڪنوينشن تحت پ??ڪس??ان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ عوامي د??تا??يزن جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پ??ڪس??ان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پ??ڪس??ان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.