اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان ??يما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ وفاقي حڪومت پاران عطا آباد ۽ هارپو ۾ پن بجلي جي ٻن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن منصوبن جي تڪميل سان ??لگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقين?? بڻائي سگهجي. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته نلتر ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. و??ير??عظم گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ترقي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم گلگت بلتستان ??ي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ??ميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪميٽي گلگت بلتستان ??ي درپيش سمورن مسئلن تي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري، گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ غريب ۽ لاچار خاندانن سان تعلق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ دانش اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون. دانش اسڪول ٻارن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم سان ??ڏوگڏ رهائش جي سهولت پڻ فراهم ڪندا. و??ير??عظم هداي ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي وسيع صلاحيت مان ??رپور فائدو ک??ڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن ۽ گلگت بلتستان جي ٽنهي ڊويزنن ۾ دانش اسڪول تعمير ڪيا وڃن. و??ير??عظم گلگت بلتستان ۾ عطا آباد ۽ هارپو پن بجلي منصوبي جي تڪميل تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي.