اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابرا??يم رئيسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرا??ي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي چئلينجن جي حل لاءِ امن ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.