اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ جي هدايت ڪندي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي ز??دا??ي کي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن صدر کي ڪراچي ۾ ڏوهن، ڪچي جي علائقي ۽ صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي ز??دا??ي هدايت ڪئي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن جي موثر نگراني جو نظام جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته پوليس چوري ٿيل مال جي موثر ٽريڪنگ کي يقيني بڻ??ئيندي مناسب قانوني ڪارروائي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ هر قسم جي معاونت فراهم ڪئي وڃي. صدر چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن کي پوري قوت سان جاري رکيو وڃي، ڪچي جي علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ وڌيڪ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. آصف علي ز??دا??ي هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ پوليس کي ضروري سامان جي فراهمي يقيني بڻ??ئي وڃي. هن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندي چيو ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي پڻ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن، ڪچي جي علائقي ۾ قبائلي مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي ۽ مقامي اڳواڻن جي مدد ورتي وڃي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان موثر رابطن جي لاءِ نظام تيار ڪيو وڃي. صدر تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي شهر کي منشيات کان پاڪ شهر بڻ??ئڻو پوندو، شاگردن جا لازمي ٽيسٽ ڪرائڻ، بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قانون ٺاهي سگهجي ٿو. هن زور ڏئي چيو ته سنڌ حڪومت سمورن والدين کي منشيات جي خلاف آگاهي فراهم ڪري.