اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قا??م ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قا??م ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل ??وم?? ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي لاڳاپن جي معاهدي تي گڏيل ??وم?? ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سف??ر منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سف??ر مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سفارتي لاڳاپا قا??م ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پنهنجي سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.