اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سالن کان ناقص ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ڪاٿو گهٽ ڪرڻ جي حوا??ي سا?? ا??م اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته پا?? پي ڊبليو ڊي بطور ادارو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته اهڙا جاري ترقياتي منصوبا جن جو ڪم پا?? پي ڊبليو ڊي جي حوالي ڪيو ويو آهي، انهن جي لاءِ متبادل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوا??ي سان ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ج??ان??يب خان جي صدارت ۾ ٺاهيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ جي حوا??ي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي ختم ۽ ڪجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. وزيراعظم ڪميٽي کي وڌيڪ سفارشون جوڙڻ جي هد??يت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احس?? ا??بال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ج??ان??يب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.