اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جي سلسلي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) مسافرن جي ٽڪيٽن ۾ رعايت جو اعلان ڪ??وآ??ي، پي آءِ اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان م??جب پي آءِ اي ملڪ اندر هلندڙ اڏامن ذريعي سفر لاءِ ٽڪيٽن تي 14 سيڪڙو رعايت ڏ??ڻ جو اعلان ڪيو آهي. مسافر فوري طور تي رعايتي ٽڪيٽ خريد ڪري سگهن ٿا. ترجمان چيو ته رعايتي ٽڪيٽ 14 آگسٽ جي سفر لاءِ موثر هوندي. هن وڌي?? چيو ته ٽورنٽو مان پاڪستان لاءِ پڻ ٽڪيٽ ۾ 14 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، 14 آگسٽ تي خريد ڪيل ٽڪيٽ تي 14 نومبر تائين سفر ڪري سگهجي ٿو.