اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدا??ين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدا??ين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهن، دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سا?? گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم خوارجي دهشتگردن سان بهادري سان مق??بلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائيڪ عنايت خان، لانس نائيڪ عمر حيات ۽ سپاهي وقار خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.