اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏي??ي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳاله?? پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ت?? پرڏي??ي سيڪريٽري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ترجمان چيو ت?? پرڏي??ي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو.