اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ڪارساز ڪمپني بي ??اء?? ڊي جو پاڪستان ۾ پنهنجون گاڏيون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. بي ??اء?? ڊي طرفان جاري بيان موجب ڪمپني پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخل ٿ??ڻ جو اِرادو رکي ٿي ۽ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام اباد ۾ فليگ شپ اسٽورز ۽ ايڪسپيرينس سينٽر کوليندي ۽ 3 سالن اندر سڄي ملڪ ۾ 20 کان 25 ڊيلرز قائم ڪندي ۽ هلندڙ سال جي چوٿين ٽه ماهيءَ ۾ 2 ايس يو وي ۽ هڪ سيڊان سميت 3 ماڊلز جو وِڪرو شروع ڪندي. ڪمپني چيو ته بي ??اء?? ڊي مقامي مينيوفيڪچرز جي تعاون سان ڪراچيءَ ۾ هڪ فيڪٽري تعمير ڪندي جنهن جو 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مڪمل ٿيڻ جي توقع آهي، جيڪو پاڪستان جو پهريون نيو انرجي وهيڪل اسمبلنگ پلانٽ هوندو. بي ??اء?? ڊي جي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخ??ا سان نه صرف ملڪ ۾ چين جي اليڪٽرڪ گاڏين جو اثر رسوخ وڌندو پر توانائي جي منتقلي ۽ ماحول دوست ترقيءَ جي شعبن ۾ ترقيءَ ۾ به مدد ملندي. چين جي نيون گاڏيون ترقياتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.