اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي اسان ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ عظيم قربانيون ڏيندڙ غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي خودمختيار?? جي دفاع طرف پختي قومي عزم جي ??اد ڏياري ٿو، آئون هن سرزمين جي انهن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پا??ستان کي نقصان پهچائڻ جو دشمن جو خواب ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي 6 سيپٽمبر 2024ع جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جي ??ٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ ملڪي سالميت کي درپيش ڪنهن به چئلينج جو جواب ڏيڻ جي ??اءِ چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي، اسان جي ??وج مناسب دفاعي ساز ۽ سامان سان ليس آهي، گهربل پيشيواراڻي مهارت رکڻ ۽ ملڪ کي سمورن چئلينجن کان بچائڻ جي ??اء?? پرعزم آهيون، اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سمورن پا??يسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ڪشميري عوام جي خراب حالت جو ازالو ڪري ئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن بڻائي سگهجي ??و، ننڍي کن?? جي اڻ مڪمل ورڇ جي ڪري ڪشميري عوام کي ڀارتي هٿياربند فوج جي ??ٿان غيرقانوني قبضو ۽ دهشتگردي درپيش آهي، غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خودمختيار حيثيت جي خاتمي ان مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختيار?? جي حق بابت سلا??تي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته اڄ پا??ستان کي ڪيترائي خطرا ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، پا??ستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ جي ??اءِ دشمن ملڪ پا??ستان مخالف عنصرن جي حمايت ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن چئلينجز جي ڏس ۾ اسان جي ??ٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي ??اءِ پوري طرح تيار آهن، اسان دهشتگردي جي ??عنت کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي بهادر فرزندن جي عزم، سگهه ۽ حب الوطن?? جي جذبي جي ??اد ملهايون ٿا، اڄ اسان وطن جي دفاع جي ??قدس فرض جي تڪميل ۾ هٿياربند فوج سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو وچن ڪريون ٿا، الله تعاليٰ پا??ستان جي حفاظت فرمائي ۽ اسان کي امن ۽ خوشحال?? جي راهه تي گامزن فرمائي.