اسلا م آب??د -06 آگسٽ(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪ فوج تي قوم کي فخر ??هي .06 سيپٽ??بر 1965 تي پاڪ فوج دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي سبق سيکاريو ۽ جر??ت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي.يوم دفاع جي موقعي تي قوم زميني ،سامونڊي ۽ هوائي فوج کي سلام پيش ڪري ٿي. يوم دفاع ۽ 06 سيپٽ??بر شهيدن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ رانا مشهود احمد چيو ته پاڪ فوج گهٽ وسيلن سان وڏي پئماني تي دشمنن جو مقابلو ڪيو ۽ جر??ت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي. اڄ اسان سڀني کي پنهنجي جوانن سان گڏ هجڻ جي وچن کي ورجائڻو آهي. اڄ جو ڏينهن وطن عزيز لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙن جي ياد ڏياري ٿو. يوم دفاع جي موقعي تي قوم زميني ،سامونڊي ۽ هوائي فوج کي سلام پيش ڪري ٿي. رانا مشهود احمد خان چيو ته اسان سڀ پاڪ فوج پاران ڏنل قربانين تي سندن احسان مند آهيون . اڄ جو ڏينهن ملڪ جي دفاع جي عزم جو ڏينهن آهي، يوم دفاع پاڪستان کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي عزم جو ڏينهن آهي.