اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتم النبيين، سرور ڪونين حضرت محمدﷺ جي ولادت باسعادت جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبيﷺ 17 سيپٽمبر اڱاري تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. م??هب?? معاملن جي انتظام هيٺ قومي سيرت ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته سڄي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن ۾ عيد ميلادالنبيﷺ جا جلوس ۽ ٻيون محفلون منعقد ڪيون پيون ??ڃن. مسجدن، ڪاروباري مرڪزن ۽ اهم نجي سرڪاري عمارتن کي رنگ برنگي بتين سان سينگاريو ويو ۽ ڏينهن جي شروعات مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪي ترقي، سلامتي، خ??شحالي ۽ مسلم اُمت جي اتحاد لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي. عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي فجر جي نماز کان پوءِ گادي واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ واري هنڌ 21-21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ ميلاد جلوسن جو اهتمام ڪيو ويندو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ به ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. م??هب?? معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ قومي سيرت ڪانفرنس ٿيندي. هلندڙ سال سيرت ڪانفرنس جو موضوع رياست جو تعليمي نظام سيرت النبيﷺ جي روشنيءَ ۾ آهي. سيرت ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ناميارا عالم سڳورا، م??هب?? اسڪالر، نامياري نعت خوان ۽ سفارتڪارن سميت اهم شخصيتون شرڪت ڪندا.