لاهور – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات کي مشعل راهه بڻائڻ ئي ملڪ جي سمورن مسئلن جي حل جي ڪُنجي آهي، پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه تي ??مل پيرا ٿي دنيا ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، اسلامي تعليمات جي بنياد تي معاشرتي ??نصاف ۽ فلاحي رياست جو قيام ئي ترقي جو ضامن آهي. وزيراعظم عيد ميلادالنبي جي موقعي تي پنهنجي رهائشگاهه تي منعقد محفل ميلاد کي خطاب ڪري رهيو هو. محفل ميلاد ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، خ??را?? واري صوبائي وزير بلال ياسين سميت پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ??ي?? ته اڄ جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇ?? ته هي حضور نبي اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت جو ڏينهن آهي. وزيراعظم ان موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ حضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندي چي?? ته معاشري ۾ گارگند، عدم برداشت، بدڪلامي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ کان پٽڻ ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تفرقه بازي کان بچڻ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي آهي. هن چي?? ته ورڇ، دشمن جي ايجنڊا آهي جنهن ک?? اسان ک?? گڏجي ناڪام بڻائڻو پوندو. عاشق رسول ﷺ هجڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته اسان جي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن ک?? تڪليف نه پهچي. هن چي?? ته اسلام جي بهترين تبليغ اها آهي ته اسان اسوه حسنه موجب پنهنجون زندگيون گذاريون ڇ?? ته آقا ڪريم ﷺ جي غلام جو طرز عمل ان جي حڪمن جي منافي ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي. اڄ معاشري ۾ ورڇ، گارگند ۽ انتهاپسنداڻو رويو فڪر جو لمحو آهي، اڄ جي مبارڪ ڏينهن اسان ک?? وچن ڪرڻو پوند?? ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات جي روشني ۾ منفي روين جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. حضور اڪرم ﷺ جهالت ۽ قتل و غارت تي فخر ڪندڙ معاشري کي بدلائي رکي ڇڏيو ۽ صحرا نشين سڏرائيندڙ دنيا جا امام بڻجي ويا ۽ اهو ئي سبب هو جو پاڻ ﷺ جي سچائي ۽ ايمانداري جي گواهي دشمن به ڏيندا هئا. پاڻ ﷺ جي اخلاق کي قرآن جي تفسير ٻڌايو ويو. پاڻ ﷺ ٻين جو بار کڻندي ۽ دشمنن سان به اخلاق سان پيش ايندا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي?? ته اسلامي تعليمات جي بنياد تي معاشرتي ??نصاف ۽ فلاحي رياست جو قيام ئي ترقي جو ضامن آهي. هن سمورن پاڪستانين ک?? اپيل ڪئي ته اهي هن مبارڪ ڏينهن تي ??ضور ﷺ جي اسوه حسنه جي پيروي ڪندي محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏين. هن ان موقعي تي مسلمان امت جي اتحاد تي ??ور ڏيندي چي?? ته گڏيل اختلافن ک?? پٺتي ??کي هڪ ٻئي سان احترام ۽ تعاون جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چي?? ته اسان ک?? اسلامي تاريخ جي ان روشن رخ کي ياد رکندي پاڪستان ک?? هڪ حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن جتي هر شخص کي انصاف ۽ برابر حق ملي سگهن. ان کان اڳ تقريب جي شرڪت ڪندڙن ک?? مفتي نعيم بٽ سيرت نبوي ﷺ تي ??طاب ڪندي نبي ڪريم ﷺ جي زندگي جي ڪيترن ئي رخن تي ??وشني وڌي.