اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي س??رت طيبه صلي الله عل??ه وآله وسلم کي س??جهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي الله عل??ه وآله وسلم ۾ موجود آهي. حضور صلي الله عل??ه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عل??ه وآله وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عل??ه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، الله تعاليٰ پاڻ سڳورن صلي الله عل??ه وآله وسلم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. الله تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم النبيين صلي الله عل??ه وآله وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور ا??رم صلي الله عل??ه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور ا??رم صلي الله عل??ه وآله وسلم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صلي الله عل??ه وآله وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صلي الله عل??ه وآله وسلم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي الله عل??ه وآله وسلم جي ت??لي??ات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صلي الله عل??ه وآله وسلم جي تعظيم سان سندن ت??لي??ات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پاڻ سڳورن صلي الله عل??ه وآله وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.