نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظه??ر ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??يراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي نيپال جي وز??راعظم ڪي پي شرما اولي سان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪي پي شرما اولي کي نيپال جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گهري ٻطرفن لاڳاپن تي اط??ينان جو اظه??ر ڪندي پاڪستاني عوام پاران نيپال جي حڪومت ۽ عوام ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظه??ر ڪيو. وز??راعظم نيپال جي وز??راعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي عزم ج?? ورجاءُ به ڪيو.