اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿي?? سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪ??م ايندو. وزيراعظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم جي پذيرائي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل وچن جي پاسداري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿي?? سان عام ماڻهو کي ريليف ملندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ پڻ لا??يتو گهٽتائي سان عوام کي ريليف ملي رهيو آهي. هن چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿي?? سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿي?? ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پهرين ڏينهن کان عوامي ريليف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري قوم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري مشڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لا??اپا مضبوط ۽ عام ماڻهو جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿي?? سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪ??م ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.