اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل ڪم??ٽي??َ حو??لي ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه رٿ پيش ڪئي ته ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن جي قانون واري وزير مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته ان حو??لي سان ڪجهه شيون پيچيده آهن، ان معاملي کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پارلياماني ڪم??ٽي??َ کي موڪليو وڃي. سيد نوي?? قمر چيو ته لاڳاپيل ڪم??ٽي??َ کي ئي بل موڪليو وڃي ۽ قانون وارو وزير به ان تي به پنهنجي راءِ ڏي. قانون واري وزير چيو ته قانونسازي هڪ مستقل ڪم آهي ۽ اها بهتريءَ لاءِ ٿيندي آهي. کاتن جي ايلوڪيشن رول آف بزنس تحت ڪابينه وقت بوقت تبديل ڪندي رهندي آهي، جنهن کاتي طرفان بل ايوان ۾ ايندو آهي اهو ان کان ئي لاڳاپيل ڪم??ٽي??َ کي موڪليو ويندو آهي. ان موقعي تي سيد نوي?? قمر گذريل ڏينهن منظور ٿيل هڪ بل جو حو??لو ڏنو جنهن جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته زميني رستن ذريعي ٿيندڙ واپار جي نگرانيءَ لاءِ ڊراءِ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل هو جنهن ۾ مختلف ادارن جي ڪوآرڊينيشن کي اسٽريم لائن ڪيو ويو آهي ۽ زميني رستن ذريعي واپار کي ريگيولرائيز ڪيو ويو آهي. بعد ۾ سيد خورشيد شاهه بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل ڪم??ٽي??َ حو??لي ڪيو ويو.