اسلام آباد / نيويارڪ – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ”عوام جي خودمختيار?? جي عالمي احساس“ بابت پاڪستان جي اهتمام هيٺ فليگ شپ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، اتفاق راءِ سان منظور ڪيل قرارداد کي سڄي دنيا جي مختلف خطن مان وڏي انگ ۾ ملڪن حمايت ۽ تعاون فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اها قرارداد غيرملڪي قرضي، نئين آبادياتي ڏاڍ ۽ محڪوميت تحت رهندڙ سمورن ماڻهن جي خودمختيار?? جي نه ڇڏڻ جهڙي حق جي توثيق ڪري ٿي. قرارداد ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ ترق?? جي لاءِ ان حق جو مڪمل ادراڪ ضروري آهي. بيان موجب چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان اها سالياني قرارداد انهن ماڻهن جي جاري جدوجهد خاص طور تي جابرا??ي قبضن تحت زندگي گذاريندڙن طرف ڇڪرائي آه?? جيڪي خودمختيار?? جي حق کان محروم آهن. اها قرارداد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ماڻهن جي خراب حالت تي ر??شني وجهي ٿي جنهن سان خودمختيار?? جي حق لاءِ انهن جي جائز خواهشن جي لاءِ عالمي حمايت کي سگهه ملي ٿي. ان قرارداد جي متفقه منظوري گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي گڏيل راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ خودمختيار?? جي اصول کي مضبوط ڪري ٿي، جيئن ته عالمي قانون بشمول گڏيل قومن جي چارٽر ۽ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن ۽ اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن ۾ لکيل آهي. بيان موجب اهو انصاف، امن ۽ برابر?? جي لاءِ عالمي عزم جي پڻ تصديق ڪري ٿو. انهن اصولن جي توثيق ڪندي قرارداد سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جو هڪ مضبوط پيغام آه?? جيڪي غيرملڪي قبضي کان آزاد?? جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. اها قرارداد نه رڳو غيرملڪي مداخلت ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي پر قبضي تحت ماڻهن جي حقن جي احترام جي اهميت تي پڻ زور ڏي ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان معاملي تي پاڪستان جي ثابت قدم قيادت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته خودمختياري جو حق عالمي ڳالهه ٻولهه جي هڪ مرڪزي ٿنڀ جي طور تي برقرار آه?? جيڪو سڄي دنيا جي لکين ماڻهن کي اميد فراهم ڪري ٿو جيڪي آزاد?? جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن.