اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آ??) ڊسمبر ۾ 1328 ارب روپين جو محصول وصول ڪيو. اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي ??لاحڪار شهزاد پنهنجي ??يان ۾ چئي. هن چيو ته ڊسمبر لاءِ مقرر ڪيل هدفن جو 97 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آهي. جون 2024ع کانپوءِ ايف بي آ?? پهريون ڀيرو وصوليون ڪيون آهن، جون ۾ 1190 ارب روپين جو محصول وصول ڪيو هو. هن چيو ??ه ايف بي آ?? ڊسمبر 2024ع ۾ 70 ارب روپيا ري فنڊ جاري ڪرڻ باوجود ??ڌيڪ وصوليون ڪيون، گذريل سال ڊسمبر ۾ ري فنڊ جي مد ۾ 38 ارب روپيون جون ادائيگيون ڪيون ويون هيون. جاري مالي سال جي پهرين 6 مه??نن ۾ ايف بي آ?? مجموعي طور تي 5.625 ٽريلين روپيون جو وصوليون ڪيون، جيڪي ان مدي جو مجموعي هدف جو 94 سيڪڙو آهي. هن چيو ته جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽه ماهي بنيادن تي ٽيڪسن جي ??رح 10.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو هدف 10.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو، جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽيڪسن جو هدف چار سالن جي ??لند ترين سطح تي آهي.