اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطن بابت ڪميٽي ناڻي واري وزارت جي تجويز تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هائوس بلڊنگ فن??نس ڪمپني لميٽيد (ايڇ بي ايف سي ايل) ۾ پنهنجا ش??ئرز وڪرو ڪرڻ جي اجازت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن سوئي سدرن گئس ڪمپني جي رهتن، گئس بلن جي ادائيگي جي مد ۾ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطن واري ڪميٽي جو اجلاس وز??را??ظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.