ڪراچي – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سن?? جي گورنر عمران اسماعيل سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران سن?? جي لاءِ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، معيشت ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن سميت عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ترجيحي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي ج?? ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.