اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي ??سا?? کي پنهنجي صفن ۾ اتح??د، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ??سا?? هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي تشخص کي وڌا??ڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده هندستان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.