ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز آبادي مٿان ڪ??ي تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏ?? پيماني تي امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. خبر موجب پي آءِ جي ايئر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي لاءِ اڏام ڀري هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ کان ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ واقع ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿان ڪ??ي تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ ع??لي جا 8 ڄڻا شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد دونهين جا ڪارا بادل ڇا??ئج?? ويا. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو اطلاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽميون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.