اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهرين والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀا??تي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستاني ??هرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سميت والاريل وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سمورا ڀا??تي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو آهي ۽ آئون ٻين عالمي اڳواڻن سان به ڳالهائي رهيو آهيان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀا??ت جي اڳڀرائي روڪڻ ضروري آهي، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمانت ٿيل حقن تي وڌيڪ راتاهو لڳندو. ۽ ڏکڻ ا??شيا ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.