اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قربان?? جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آه?? ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ا?? کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئ?? آهي. من??نج?? پاڪستاني قوم کي اها درخواست آه?? ته قرباني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قربان?? جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. من??نج?? الله تعاليٰ کان دعا آه?? ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.