اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آ??اد?? ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي ک?? نظر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن ک?? نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منصوبابندي ڪئي وڃي، و??ير??عظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدا??ت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فرا??، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.