اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي تاريخي دوستي وارن ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. افغانستان ۾ ڪو به گروهه اسان جو فيورٽ ناهي، اسان سڀ??ي سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ ورتاءَ جا حامي آهيون. اهڙو اظهار هن افغان وولسي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ?? افغان پارلياماني وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفن، پارلياماني، ملڪي لاڳاپن، گڏيل واپار ۽ خطي جي معاشي ??ور??حال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.