اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڳ وانگر ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عمل ڪ??و ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو و??و ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کانپوءِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽرين، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ جائزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا با??ت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دو??ان ڪيو.