اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن پوري علائقي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد في??ي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻن??ي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.