اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهوٽڪي ريل حادثي جي شهيدن ۽ ڪينيڊا ۾ قتل ٿيل پاڪستاي?? لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وز??راعظم هائوس مان جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وز??ر، اطلاعات واري وز??ر ۽ پارلياماني معامن واري صلاحڪار اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ ڏيڻ ج?? اختيار ڏيڻ ج?? حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي کان وز??راعظم کي آگاهه ڪيو. ٽرانسپورٽ اي??ڊ لاجسٽجڪس بابت ڪابينا ڪميٽي پاران ڪابينا کي ابتڊائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. قانون واري وز??ر ڪرمنل لا ريفارمز (فوجداري قانون) جي حوالي سان اڳڀرائي کان وز??راعظم کي آگاهه ڪيو، وز??راعظم فوجداري قانونن ۾ سڌارن جي حوالي سان قانون واري وز??ر ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو ادا ٿيل سرمائي ۽ شيئر ڪيپيٽل ۾ اضافي جي تجويز به منظور ڪري ورتي، ڪابينا فرسٽ وومن بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي انڊپنڊنٽ ڊائريڪٽرز ۽ چيئرمين جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي، ان ۾ نجيب آگره والا فرسٽ وومن بئنڪ جو نئين چيئرمين هوندو، بشريٰ احسان، صبحيه سلطان، اڪبر علي، وجاهت رسول خان ۽ نغمانه عالمگير هاشمي شامل آهن. ڪارلٽن هوٽل ڪراچي جي زمين کي اپارٽمينٽس جي تعمير لاءِ استعمال آڻڻ، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ جمشيد ڪوارٽرز ڪراچي جي ري جنريشن پلان جي منظوري جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي. ڪابينا عامر محي الدين (بي ايس 20 سيڪريٽريٽ گروپ) کي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پاڪستان هائوسنگ فائونڊيشن مقرر ڪرڻ ج?? منظوري ڏني. ڪابينا اسلام آباد ڪيپٽيل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ جا رولز قانون بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيا. جسٽس (ر) ضياءُ پرويز کي ڪميشن آف انڪوائري براءِ گم ٿيل ماڻهن ۾ ميمبر طور مقرر ڪرڻ ج?? منظوري ڏني وئي آهي، اها سيٽ 27 ڊسمبر 2020ع تي جسٽس (ر) غوث محمد جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. ڪابينا عمر حبيب لوڌي کي مينيجنگ ڊائريڪٽر يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان مقرر ڪرڻ ج?? منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا قومي تراني کي جديد طرز تي جي رڪارڊ ڪرڻ (اي??الاگ کان ڊولبي اي??مز ٽيڪنالاجي کان ڊجيٽل ڪرڻ) ڪميٽي قائم ڪرڻ ج?? منظوري ڏني. ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پيش ڪيل تجويز کي به منظور ڪيو ته پي ٽي وي اسپورٽس تي سيريز اي چيمپئين شپ 19 -2018ع، پاڪستان بمقابله بنگلاديش 2020ع ڪرڪيٽ ميچز ڏيکارڻ ج?? ڏس ۾ پي ٽي وي پاران سوني پڪچرز نيٽ ورڪ کي ادا ڪرڻ ج??ڳي رقم جون ادائيگيون ڪيون وڃن تنهن هوندي به ڪابينا پاڪستان انگلينڊ جي ميچز جي حوالي سان پي ٽي وي کي ڇوٽ ڏيڻ ج?? تجويز رد ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا مبشر حسن (انفارميشن گروپ آفيسر) کي مينيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي مقرر ڪرڻ ج?? منظوري ڏني