اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سل??مي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال ??وي??ان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر سل??مي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سل??مي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سل??مي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر جلال ??وي??ان کي ستاره قائداعظم ??ي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سر??نج??م ڏنيون آهن. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سر??نج??م ڏنيون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ تر??مو ڪري چڪو آهي.