اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت اقل??تن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اقل??تن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بين المذاهب هم اهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيلا رام ڪيولاڻي جي قيادت ۾ قومي اقليتي ڪميشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، ج?? پال ڇابڙيه، مفتي گلزار نعيمي، ويشنو راجا، ڊاڪٽر ساره صفدر ۽ قومي اقليتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر شامل هئا. صدر چيو ته حڪومت اقل??تن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. حڪومت اقل??تن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت اقل??تن جي لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي. اقل??تن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اقليتي اڳواڻ پنهنجي ڪميونٽي ۾ نوجوانن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ تي راغب ڪن. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين اقل??تن کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو. رياست اقل??تن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملڪي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لازمي آهي. هن چيو ته حڪومت اقليتي برادري جي شاگردن کي تعليم وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري رهي آهي. ڪامياب جوان پروگرام تحت اقليتي برادري جا نوجوان ۽ عورتون ڪاروبار جي لاءِ قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته قومي اقليتي ڪميشن بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد صدر کي اقل??تن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد اقل??تن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.