اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندا. اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي ??جموعي صورتحال ۽ تعمير ۽ ترقي جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زين قريشي ۽ پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي اطلاعات وارو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري توصيف عباسي به ان موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي وزير سردار عبدالقيوم نيازي کي وزا??ت عظميٰ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??نصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي کيس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ??اء?? آئنده جي ??ائحه عمل کان آگاهه ڪيو ۽ پرڏيهي وزير کي آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي ڪشميرين جي جائز حق، خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ ??اء?? سندس جدوجهد کي ساراهيو. آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم چيو ته سندس حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ??سئلن کي ترجيحي بينادن تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏيندڙ والاريل ڪشمير جي رهواسين کي درپيش مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ??اء?? ڪوششون ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اسان ڪشميرين جي ان جدوجهد ۾ انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ ??اء?? پرعزم آهيون، اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ستم ۽ جنگي ڏوهن جي ??وس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ دنيا جي سامهون پيش ڪيا آهن، شاهه محمود قريشي چيوت ه ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.