اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي والدين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وز??راعظم مدثر نارو جي والدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وز??راعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وز??ر شيرين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وز??راعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيو??، مدثر نارو جي والدين وز??راعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.