اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيندي ملڪي ترقي ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بلوچستان جا شاگرد جديد تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون مهارتون حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ريذيڊنشل ڪاليج، خضدار جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن سومر تي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر عارف علوي چيو ته شاگرد پاڻ کي جديد علم ۽ آء?? ٽي مهارت سان ليس ڪري ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا، شاگرد تعليم تي ڌيان ڏئي ملڪي ترقي ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ بلوچستان جي ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچستان ۾ تعليم جي شعبي جي سهولتن کي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، صدر عارف علوي چيو ته اقتصادي راهداري، گوادر پورٽ جي تڪميل سان روزگار سان گڏ صوبي ۾ خوشحالي ايندي. صدر بلوچستان جي مختلف علائقن خضدار ۽ لورالائي ۾ ريذيڊنشل ڪاليجز جي قيام تي بلوچستان حڪومت جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته اهو اميد ڪري ٿو ته ريذيڊنشل ڪاليجز صوبي جي تعليمي ترقي ?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.