اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پر??يهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ا??ڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پر??يهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ ا??ڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ه?? چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ا??ڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. ه?? چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پر??يهي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.