اسلام آ??اد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي ??عاشي حالتون آهن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرداري آهي، بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زرداري ملڪي ??اڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ٺاهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، پيپلزپارٽي علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. فر?? حبيب چيو ته 13 سان کان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ??ري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو منصوبو سنڌ جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي عوام بلاول، زرداري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪاري چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌ جو علائقو آهي، پيپلزپارٽي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ??ري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو آهي.