اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي ف??ڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين ص??حي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر جي ص??حي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊان جي پهرين ص??حي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، اهو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي ف??ڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد ب??ائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري ف??اد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم ج?? ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪ??و آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين ص??حي تي شايع ڪئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي قومي خبرن جي ص??حي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي ص??حي تي شايع ڪري جنهن تي خبر شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.