اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 24 سالن کانپوءِ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوان ٿو، پاڪستان جو عوام سدائين کان ڪرڪيٽ سان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهو آهن جڏهن ته آسٽريليا جي ڪرڪيٽ انهن جي لاءِ سدائين ساراهه جوڳي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? وزيراعظم آسٽريلوي ٽيم جي 24 سالن کانپوءِ پاڪستان اچڻ تي انهن کي ڀليڪار چوندي چيو ته اسان آسٽريليا جي دوري دوران دلچسپ ۽ بهترين مقابلو رکندڙ سيريز ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.