اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ ??طحي وفد پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم عمرا?? خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمرا?? خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمرا?? خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپ?? خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو ف??بي?? ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمرا?? خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.