اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي ۾ 7 سال جي غيرضروري دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي جي رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. صدر بيواهه کي دير سبب مالي نقصان ??ان بچائڻ جي لاءِ ادائيگي جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي ??دا??ت پڻ ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني بيواهه ??ان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي محتسب کي تع??يل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪندي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) ??ان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي بيمي جون ٻه لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گهرواريءَ فوزيه زاهد ڀٽي (شڪايت ڪندڙ) انشورنس ڪليم جي ادائيگي لاءِ انشورنس ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد تي رقم ادا ڪرڻ ??ان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي بيمي ??ان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي بيواهه فوزيه زاهد ڀٽي وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، وفاقي محتسب اسٽي?? لائيف کي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر تع??يل جي اطلاع ڏيڻ جي ??دا??ت ڪئي. وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران اسٽي?? لائيف صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر اسٽي?? لائيف جي نمائندگي کي رد ڪندي انشورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاليسي حاصل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي انشورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ، انشورنس ??ان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسٽي?? لائيف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ بيمي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي لاءِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اسٽي?? لائيف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ادائيگي ۾ دير ڪئي. صدر بيواهه کي دير جي ڪري مالي نقصان ??ان بچائڻ جي لاءِ ايجنسي کي انشورنس جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت به شامل ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي.