اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي علم جي قيمتي آن لائين ذخيري کي استعمال ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن، اعليٰ تع??يمي ادارن کي فنون لطيفه ۽ ادب جي شعبي ۾ تع??يم جي ذريعي امن، ڀلائي ۽ جامعيت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪر??چي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري ۽ فيڪلٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر عطا ۽ فيڪلٽي سربراهن شرڪت ڪئي. يونيورسٽي جي فيڪلٽي کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فنون لطيفه ۽ ادبيات جي گريجويٽس جي مارڪيٽ ۾ قدر ۽ طلب جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ مارڪيٽ سروي جي ضرورت آهي، فنون لطيفه ۽ فلسفي جو مطالعو هڪ ٺوس ۽ متوازن انساني شخصيت جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏي ٿو. صدر چيو ته فنون لطيفه، ادبيات ۽ فلسفي جي شعبن ۾ پڻ تع??يم کي هڪ جهڙي اهميت ڏيڻ گهرجي، استاد فارغ التحصيل شاگردن کي پنهنجي صلاحي??ن جي ذريعي باعزت روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي اردو يونيورستي کي ملڪ ۾ فنون لطيفه ۽ ادب جي فروغ جي لاءِ هڪ مثالي ادارو ??ڻائين، بصارت ۽ جسماني طور تي معذور شاگردن کي اعليٰ تع??يمي ادارن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ داخلا ڏيڻ گهرجي، خصوصي شاگردن جي لاءِ استادن کي تربيت پڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي انهن جي تع??يمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. صدر چيو ته خصوصي تع??يم جو مقصد رڳو شاگردن کي هنر ۽ تع??يم ڏيڻ نه آهي پر ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. صدر اجلاس ۾ تع??يمي ادارن ۽ نجي شعبي ۾ تعاون ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شاگردن کي عملي تجربو ڏيڻ سان انهن کي لاڳاپيل شعبن ۾ مارڪيٽ ضرورتون سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اعليٰ تع??يمي ڪميشن (ايڇ اي سي) ڪو??سي??ا جي مدد سان شاگردن ۽ استادن کي مختلف شعبن ۾ 4 هزار مفت ڪورسز تائين پهچ فراهم ڪئي آهي. ان کان اڳ اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ ان جي مسلسل رهنمائي ۽ تعاون تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي ته هو فيڪلٽي کي ريگيولر ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري. بعد ۾ صدر يونيورسٽي جي مختلف تع??يمي بلاڪس جو دورو ڪيو ۽ چوماسي جي وڻڪاري جي حوالي سان ٻوٽو پڻ لڳايو.