اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان يورپي يونين ??ي ميمبر ملڪن سان پنهنجي تاريخي ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان ۽ يورپي يونين ??ي وچ ?? حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان خطي جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪس??ان ۾ يورپي يونين ??ي نئين مقرر ٿيندڙ سفير ڊاڪٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرلين ??ان پنهنجي تازي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين ??ي پارلياماني وفدن جو پاڪس??ان جي ايندڙ دورن سان گڏوگڏ اڳئين يورپي يونين پاڪس??ان تعزويراتي ڳالهه ٻولهه جي منصوبي تحت سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائيلاگ سان ٻنهي ڌرين ??ي دوران وڌيڪ ٺوس تعاون جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ يورپي يونين ??ي وچ ?? گڏيل فائديمند واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو ڪريڊٽ موجوده جي ايس پي پ??س اسڪيم ڏانهن وڃي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪس??ان 2023ع کانپوءِ به ان انتظام جو حصو رهندو. وزيراعظم وڌندڙ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مسلسل اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي به زور ڏنو. هلندڙ سال پاڪس??ان ۽ يورپي يونين ??ي لاڳاپن جي 60 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم ان سنگ ميل کي ٻنهي طرفن کان مناسب طريقي سان ملهائڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان اهم آهي. پاڪس??ان گذريل سال آگسٽ جي اڳڀرائي کانپوءِ افغانس??ان جي حوالي سان عالمي برادري کي بي مثال تعاون فراهم ڪيو آهي. ڊاڪٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم پاران آجيان تي ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪس??ان ۾ پنهنجي مقرري دوران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.