نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي جمهوريت جي مضبوطي، پولرائيزيشن جي خلا?? جنگ، سماجي اڻبرابري جي خاتمي ۽ مظلوم ماڻهن کي انهن جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ دنيا امن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پائيدار امن جو قيام مثالي آهي جڏهن ته بنياد کي ٺيڪ ??رڻ کانسواءِ پ??ئيدار امن خواب ئي رهندو.