اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپري?? ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي ??سم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله ??عا??يٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.