اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ??يو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سومر کان سا??يوال جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي ۽ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب ??يو ته مريم نواز جي صدارت ۾ سڀاڻي 28 فيبروري تي سا??يوال ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. هن چيو ته اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي ع??ديدارن پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي، هو بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ سرگوڌا ڊويزنن ??ا دورا ڪري چڪي آهي.