??اه??ر – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چ??ئر??ين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي ب??ني ميمبر حبيب الرحمان عرف م??ني پهلوان جي تعزيت لاءِ ??اه??ر جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر پهتو، چ??ئر??ين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم م??ني پهلوان جي ڌ??ئر?? ۽ پٽن عمران ڊار، ڪ??مران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم م??ني پهلوان جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خو??ني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پٽن سان ڳالهائيندي چ??ئر??ين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم م??ني پهلوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، م??ني پهلوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چ??ئر??ين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيالي م??ني پهلوان جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.